اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انقره ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب ميولوت چاوش اولو سان ملاقات ڪئي. ڳالهين دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن ف??سط??ن ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي پرڏيهي وزيرن ج?? اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي جي خطاب ۽ پاڪستان طرفان مظلوم ف??سط??نين جي مسلسل حمايت ۽ ڀرپور حمايت کي ساراهيو.