اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جي توهين آميز خاڪ?? جي ڇپائي جي ??د عمل ۾ فرانس سان لاڳاپن ۽ سفير جي ملڪ بدري بابت قرارداد تي پارليامينٽ جي سفارشن کانپوءِ ئي حڪومت ڪو حتمي فيصلو ڪندي، پاڪستان جو افغانستا?? جي استحڪام ۽ نئين سر تعمير ۾ اهم ڪردار هوندو. وائيس آف آمريڪا کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ صدر چيو ته پرڏيهي پاليسي جي فيصلو وفاقي حڪومت جو استحقاق آهي تنهن هوندي به پارليامينٽ پنهنجون ??فارشون ??امهون ??ڻي سگهي ٿي، هن چيو ته هڪ جمهوري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان فرانس جي سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ جي قرارداد پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ته جئين عوام جي جذب?? جي عڪاسي ٿي سگهي ۽ پارليامينٽ ئي اهو فورم آهي جتي عوام جي خواهشن جو صحيح اظهار ٿي سگهي ٿو. تنهن هوندي به ا?? جي بقول وزيراعظم عمران خان اهو سمجهي ٿو ته سفير کي ڪڍڻ سان پاڪستان کي معاشي نقصان ٿيندو، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستا?? جي مذهبي طبقي جي پرتشدد احتجاج ڪجهه يورپي ملڪ?? جي اسلام جي حوالي سان قدمن جو نتيجو آهي جنهن اهڙي وقت ۾ تهذيبن کي هڪٻئي جي سامهون ??ڻي بيهاريو آهي جڏهن دنيا کي ام?? جي ضرورت آهي، عارف علوي چيو ته مون کي ڪو به حق نٿو پهي ته اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ اهڙي ڳالهه ڪريان جو ڪنهن کي تڪليف پهچائي. يورپ ۾ هولوڪاسٽ بابت ڳالهه ڪرڻ قانوني طور تي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته پيغمبر اسلام جي گستاخانه خاڪ?? جي ڇپائي سان ماڻهن جا جذبا مجروح ٿيا، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 18 هين آئيني ترميم تي وزيراعظم عمران خان جا اعتراض جائز آهن ته وسيل?? جي اعتبار سان وفاق جو حصو وڌڻ گهرجي. هن چيو ته وفاق ان معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رکيو آهي، جنهن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، جهڙي طرح آئين ۾ بهتري جي لاءِ آئين ۾ ترميم آڻي سگهجي ٿي اهڙي طرح ارڙهين ترميم ۾ بهتري جي لاءِ به ترميمون ??ڻي سگهجن ٿيون. صدر چيو ته 18 هين ترميم مجموعي طور تي هڪ مناسب آئيني ترميم هئي جنهن ۾ 58 ٽو بي جي تلوار هٽائي وئي ۽ قومي وسيلن تي صوبن کي ڪيترائي اختيار ڏنا ويا، صدر چيو ته آرٽيڪل 370 جي خاتمي کانپوءِ ڀارت سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.