اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت هيٺ پاڪستان تحريڪ ان??اف (پي ??ي آءِ) جو پختو يقين آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي جو واحد حل ??وپن بيلٽنگ ئي آهي، ووٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جو ڪردار تمام اهم آهي، تحريڪ ان??اف جي سڄي جدوجهد سينيٽ چونڊن ۾ شف??فيت آڻڻ لاءِ هئي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته مرڪز ۾ يوسف رضا گيلاني جي فتح تي شديد خدشا آهن، وزيراعظم عمران خان پهرين ئي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪيو هو. پي ??ي آءِ وٽ به يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي خلاف وڊيو ثبوت موجود آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي ثمرن مان لطف ان??وز ٿيڻو آهي ته اسان کي هر شعبي ۾ شف??فيت جي عمل کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ پئسن جي زور تي اليڪشن وڙهندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي.