اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ليب??ا سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو وڏو ق??ر ڪري ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ليبيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) رشاد جاويد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ??لاقات ڪئي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ليب??ا سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، نامزد سفير ليب??ا سان واپاري لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري.