اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??ور?? قوم مڇ سانحي تي ڏکويل آهي، مڇ سانحي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ان مسئلي تي اسان سڀني کي هڪ ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ضرور ويندو ۽ مڇ سانحي جي متا??ري?? سان ملاقات ڪندو، اسان جي پهرين ترجيح آهي ته دهشتگردي جا واقعا آئنده نه ٿين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پرو??را?? ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن ملڪ ۾ افراتفري جي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن 7 فوجي اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، انهن جو ڪنهن برادري سان تعلق نه هو، ان طرح جي واقعن جو مقصد صرف ملڪ ۾ خوف ۽ بي يقيني جي صورتحال پيدا ڪرڻ هوندو آهي، ان صورتحال ۾ اسان سڀني کي گڏجي اهو سوچڻ گهرجي ته ان سڄي صورتحال کي ڪهڙي طرح منهن ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪوئيٽا جي ع??ائقي مڇ ۾ ٿيندڙ واقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ ??ور?? قوم ڏکويل آهي.