اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز چيو آهي ته دنيا جي سامهون سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ مودي سرڪار ٻڌائي ته معصوم ڪشميرين تي ظلم، بربريت، جبري گمشدگيون، عورتن جي عصمت دري، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي پيلٽ گنن جي ذريعي نابين بڻائن ڪ??ڙي جمهوريت آهي، وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ اسان ڪشمير مسئلي کي سمورن عالمي فورمن تي اجاگر ڪرڻ لاءِ سموريون ڪ??ششون استعمال ۾ آڻينداسين، پاڪستان خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين جي سياسي، سفارتي، اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ڪشمير گهيراءُ ۾ جي عنوان سان سي??ينار کي خطاب ڪري رهيو هو.