اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سلي?? باجوه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ايڪنڪ سکر حيدرآباد موٽروي جي منظوري ڏئي ڇڏي، سکر حيدرآباد موٽروي جي ڊيگهه 306 ڪلوميٽر هوندي. عاصم سلي?? باجوه چيو ته سکر حيدرآباد موٽروي تعميراتي شعبي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي، منصوبو اندرون سنڌ ۾ سماجي ۽ م??اشي انقلاب آڻين??و، پشاور، ڪراچي ايسٽرن روٽ کي به ايسٽ ب??وچ??تان سان لنڪ ڪيو ويندو.