اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته عوام جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروبار ۽ زرعي شعبي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي، سر??اري شعبي جي ادارن جي سڌارن جو عمل ت??ز ڪرڻ گهرجي، سبسڊيز ڏيڻ جي عمل تي نظرثاني جي ضرورت آهي، موجوده دور جي اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسئلن جي مڪمل حل جي ضرورت آهي، عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اڳتي سر??اري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام جي لاءِ ترجيحون ۽ هدف واضح هجڻ گهرجن ۽ منصوبا رڳو شروع ڪرڻ بدران انهن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.