اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 2020ع کي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي آسانين جو سال قرار ڏيندي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي خاطري ڪرائي آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي نوڪرين جي ت??فظ، هيلٿ انشورنس ۽ اي او بي آءِ کان رجسٽريشن جي لاءِ جرنلسٽ پروٽيڪشن قانون مشاورتي عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پ??رل??امينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان جو ويزن ۽ واضح هدايتون آهن ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ادائگي، نوڪرين جي ت??فظ ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ جو معاملو مستقل بنيادن تي جلد حل ڪيو وڃي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي صحافين جي ت??ف??، پگهارن ۽ رهتن جي ادائگي جي معاملن تي بريفنگ ڏئي رهي هئي.