اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ اي??ان جو صدر ابراهيم رئيسي ??وادر جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اي??ان کان گوادر تائين 100 ميگاواٽ ٽرانسميشن لائين جو گڏيل ط??ر تي افتتاح ڪندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو منصوبو 2009ع کان ??لتوا هيٺ هو. اهو منصوبو وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ٿيڻ سان گوادر ۽ بلوچستان ??ي عوام لاءِ ترقي، واپار، ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو.