اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف افغان حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها پنهنجي سرزمين تان تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جون ڪارروايون روڪي، هڪ طرف لاڳاپا وڌائڻ جي خواهش جو اظهار جڏهن ته ٻئي طرف ٽي ٽي پي کي کليل ڇوٽ ۽ افغانستان مان پاڪستان تي حملا، اهو ٻٽو عمل قبول نه آهي، اسان پاڪستان جي سالميت جي گهرجن جو پوري طرح دفاع ڪنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ??ه افغانستان اسان جي پاڙيسري ۽ ڀائر ملڪ آهي جنهن سان اسان جي هزارين ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي. ان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ، معاشي تعاون، واپار جو فروغ ۽ تعاون کي سگهه ڏيڻ اسان جي خواهش آهي پر اها بدقسمتي آهي ته ٽي ٽي پي اڄ به اتان آپريٽ ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ۾ اسان جي بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪري رهي آهي، اها پاليسي نٿي هلي سگهي، افغان حڪومت کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي پر ٽي ٽي پي جو رستو مڪمل طور تي بند ڪرڻو پوندو، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي بيگناهه عوام کي شهيد ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اها اسان جي لاءِ ريڊ لائين آهي. جيڪڏهن ٽي ٽي پي بدستور افغان سرزمين تان آپريٽ ڪندي ته اهو اسان جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي، پاڪستان جي سالميت جي گهرجن جو اسان پوري طرح دفاع ڪنداسين. هن افغان حڪومت تي زور ڏنو ته اها ان ح??ال?? سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري. اسان ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون پر جيڪڏهن هڪ طرف اسان کي لاڳاپا وڌائڻ جو پيغام ملي ۽ ٻئي طرف ٽي ٽي پي کي کليل ڇوٽ هجي ته اها ٻه عملي قابل قبول نه آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي سندس 17هين ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ??ه هو هڪ جرئتمند ۽ بهادر اڳواڻ ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، سياست ۾ مفاهمت تي يقين رکندي هئي، هن نواز شريف سان ميثاق جمهوريت ڪيو ??نهن جي سڀني سياسي پارٽين پذيرائي ڪئي، ملڪ ۽ جمهوريت جي لاءِ سنيدس بي پناهه خدمتون ۽ قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. هن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ صدر آصف علي زرداري ۽ بينظير ڀٽو شهيد جي پٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس ڀينرن سان همدرديءَ ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي پارا چنار ۾ اي?? ڊي اي?? اي جي ذريعي هيليڪاپٽرز موڪلي دوائن جي فراهمي کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ??ه هڪ ٽن دوائون پارا چنار موڪليون ويون آهن ۽ اتان زخمين کي هيليڪاپٽر جي ذريعي بهتر علاج جي لاءِ اسلام آباد منتقل ڪيو ويو ??هي. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي خراج تح??ين پيش ڪندي چيو ??ه ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ واقعي ۾ اي?? سي جا 16 جوان شهيد ٿيا جڏهن ته اتر وزيرستان ۾ ٿيندڙ هڪ مقابلي ۾ ڪيترن ئي خوارجين کي جهنم واصل ڪيو ويو ??هي، ان مقابلي ۾ هڪ ميجر ۽ جوان شهيد به ٿيا. وزيراعظم ڪابينا کي آذرب??ئي??ان جي صدر سان پنهنجي گذريل ڏينهن ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪندي چيو ??ه آذرب??ئي??ان جي جهاز جي بدقسمت حادثي ۾ 38 انساني جانين جي زيان تي آذرب??ئي??ان جي صدر سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ??هي. وزيراعظم چيو ??ه آذرب??ئي??ان جو صدر پاڪستان جي عوام سان بي پناهه محبت ڪري ٿو، اي??دڙ ڪجهه مهينن دوران آذرب??ئي??ان سان اسان جا رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان ۾ آءِ سي سي جي اي??نٽس جو انعقاد ٿيڻ وڃي رهيو ??هي جيڪا ڪرڪيٽ شائقين جي لاءِ تمام وڏي خوشخبري آهي، ان جي لاءِ تياريون مڪمل آهن. انهن مئچز سان پاڪستان جي نوجوانن جون صلاحيتون اڀري سامهون اي??ديون. وزيراعظم ڪابينا کي اي ڊي آر جي ح??ال?? سان مثبت اڳڀرائي بابت ٻڌايو ۽ نائب وزيراعظم، ناڻي واري وفاقي وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي ڪردار کي ساراهيو ??ن بئنڪن سان معاملو طئي ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪيو. وزيراعظم ٻڌايو ??ه قومي خزاني کي ان ڪوشش سان 70 ارب رپيا ملندا ۽ اي??دڙ ٽن سالن ۾ 140 ارب رپين جي لڳ ڀڳ رقم خزاني ۾ اي??دي. وزيراعظم چيو ??ه بئنڪن ساڍا 22 سيڪڙو پاليسي ريٽ جو فائدو کڻندي بي پناهه منافعو ڪمايو ۽ ٽي بلز تي انويسٽ ڪنديون رهيون اهڙي صورت ۾ ملڪ ۾ صنعتون نه پئي لڳي سگهيون.