راولپنڊي-13 ڊسمبر (اي پ?? پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۽ ڪي پ?? ڪي جي مختلف علائقن ۾ 5 ڏينهن دوران دهشتگردن خلاف آپريشنز ۾ 43 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 9 ڊسمبر 2024ع کان ڪي پ?? ڪي ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي پ??ماني تي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪاررواين دوران 43 دهشتگرد مارجي ويا، جنهن سان بلوچستان ۾ فتنه الخ??ار?? ۽ ٻين دهشتگرد گروهن کي وڏو نقصان پهتو. 12 ۽ 13 ڊسمبر جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز لڪي مروت ۾ هڪ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ فورسز خ??ار?? جي ٺڪاڻن ??ي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 خ??ار??ي مارجي ويا. 9 ڊسمبر 2024ع کان هن وقت تائين ڪي پ?? ڪي ۾ 18 خ??ار?? ماريا ويا آهن. بلوچستان ۾ 13 ڊسمبر تي موسيٰ خيل ۽ پنجگور ضلعن ۾ ٻن ڌار ڳجهن اطلاعن تي آپريشنز دوران سيڪيورٽي فورسز شديد ??ائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. 9 ڊسمبر کان هن وقت تائين بلوچستان ۾ 25 دهشتگرد مارجي چڪا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اهي آپريشنز ان وقت تائين جاري رهندا جيستائين علائقي ۾ مڪمل امن بحال نٿو ٿئي ۽ خ??ار??ين جو مڪمل خاتمو نٿو ٿئي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي ناسور کي پاڙؤن پٽي اُڇلائڻ لاءِ پُرعزم آهي.