اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آه?? ته ووٽ هڪ مقدس امانت ۽ قومي فرض آه?? جنهن ذريعي عوام پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو ۽ ملڪ جي رُخ جو تعين ڪري ٿو، جمهوريت جو بنياد عوام جي راءِ تي آه??، عوام پنهنجي حق ذريعي پنهنجي من پسند نمائندن کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائين ٿا. اه??و اظهار هن قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال 7 ڊسمبر تي ملهايو ويندو آه??. اسپيڪر چيو ته هڪ مضبوط ۽ فعال جمهوريت لاءِ عوام جي ڀرپور شرڪت ضروري آه??. هن چيو ته ووٽ ??ه وِجهڻ دراصل پنهنجن حقن ۽ ذميدارين کان غفلت جي برابر آه??. هن ملڪ ۾ شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته نوجوانن ۾ ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن وڌيڪ چيو ته جمهوري عمل ۾ نوجوانن جي شرڪت سان نه صرف جمهوريت مضبوط ٿئي ٿي پر ملڪي ترقيءَ لاءِ نيون راهون به کُلن ٿيون. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ عوام ۾ ووٽ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ جمهوري عمل کي مضبوط بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ پُرعزم آه??. قومي ووٽر ڊي جي موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته ووٽ وِجهڻ هر شهريءَ جو آئيني حق ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جو ذريعو آه??. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ضروري آه?? ته 18 سالن کان وڏي عمر جو هر شهري ووٽ ذريعي ملڪ ??ي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وٺي. هن چيو ته جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ آئين جي بالادستي عوامي حقن ??ي تحفظ جي ضمانت آه??. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پارليامينٽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ عوام ۾ ووٽ جي حق جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجا قدم جاري رکندي.