ڪوئيٽا-19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خام چيو آهي ته افغان نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن، انهن ٻ??رن سان افغانستان ۽ پاڪستان ٻنهي جو مستقبل ڳنڍيل آهي، پاڪستان هميشه افغان پناهگيرن کي سندن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ت??او?? ڪندو پيو اچي. چاهيون ٿا ته هي افغار ٻار مهارت هتان سکي پن??نجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پن??نجو ڪردار ادا ڪن. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري طرفان افغان پناهگيرن جي هٿ جي هنر سميت مختلف هنرن جو ڪورس مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. راڻا مشهود احمد چيو ته افغان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو ڏٺو آهي جيڪي پن??نجو مقام پن??نجي محنت سان بڻائڻ چاهين ٿا، پاڪستان مان هنر سکي جڏهن هو پن??نجي ملڪ ورن تي اتي به معاشري ۾ بهتري لاءِ پن??نجي هنر سان ٻين افغان شهرين کي فائدو رسائين. هن چيو ته پاڪستان انهن نوجوانن سان گڏ بيٺل آهي، نوجوان گڏجي هلن ۽ پن??نجي هن هنر سان هو پن??نجي ڪاروبار کي وڌائي سگهن ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جو مستقبل انهن ٻ??رن جي اندر ڏسي رهيو آهيان. نسٽ يونيورسٽي، گڏيل قومون ۽ انهن جي ذيلي تنظ??من کي نوبل ڪاز لاءِ ڪم ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، هي نوجوان مستقبل ۾ پن??نجي ملڪ جي اڳواڻي ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ان کان اڳ راڻا مشهود احمد خان هٿ سان ٺاهيل هنر جي اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ افغان ٻ??رن سان انهن جي ڪم ۽ هنر جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، خاص مهمان افغان ٻ??رن ۾ چيڪ پڻ ورهايا.