لاهور – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو آهي ته ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ سمورا ??سيلا استعمال ۾ آندا ويندا. اي پي پي لاهور بيورو ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملازمن جي ڀلائي سندس اولين ترجيح آهي ۽ هو ملازمن سان لاڳاپيل معاملن جي لاءِ اوپن ڊور پاليسي تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته اي پي پي جا ملازم ادا??ي جو اثاثو آهن، هن ملازمن تي زور ڀريو ته اهي ادا??ي جي ترقي لاءِ محنت ڪن.
ايم ڊي محمد عاصم کچي وڌيڪ چيو ته اي پي پي ۾ ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڪرپٽ عنصرن جو خاتمو ??روري آهي. ملازمن جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته ملازمن جي ميڊيڪ?? بلز کي ترجيحي بنيادن تي ڪليئر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سمورين اي پي پي اسٽيشنز تي ضروري سامان ۽ شيون فوري ۽ ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيون پيون وڃن. اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي چيئرمين ۽ اردو نيوز سروس جي انچارج ۽ چيف رپورٽر محمد عبدالله مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي جي قيادت تي پختي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن ادا??ي جي سربراهه جي طور تي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ تي ايم ڊي محمد عاصم کچي جا ٿورا ??ڃيا ۽ اردو نيوز سروس لاهور بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ايم ڊي اي پي پي نيوز روم، وڊيو نيوز سروس ۽ رپورٽنگ روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ اي پي پي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي صدر راڻا عبدالرحمان قومي خابرو ايجنسي جي ملازمن پاران ايم ڊي محمد عاصم کچي جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ کيس يقين ڏياريو ته ملازم سندس اميدن تي پورو لهندا. هن ملازمن جا مسئلا تيزي سان حل ڪرڻ تي ايم ڊي محمد عاصم کچي جا ٿورا ??ڻ ادا ڪيا.