اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال استادن جي تربيتي انسٽيٽيوٽ جي حوالي سان جائزي ??جل??س جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ نو??وانن کي مستقبل جي چئلينجز لاءِ تيار ڪرڻ خاطر تعليمي سڌارن جي ??وري ضرورت تي زور ڀريو ويو. ??جل??س ۾ وفاقي وزير کي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلينس ان ٽيچر ايجوڪيشن (NIETE) ۽ اسڪول آف ايجوڪيشن جي سهڪار سان جاري استادن جي تربيتي منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير احسن اقبال تجويز ڪيل تعليمي سڌارن تي ڳالهائيندي اخلاقي بنيادن جي بحالي ۽ نو??وانن ۾ عالمي تناظر کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته اسان جي تعليمي نظام کي ٽيم ورڪ، تعاون ۽ اجتماعي ڪاميابين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. وفاقي وزير ان موقعي تي استادن جي ڪردا کي علم جي ??نتظمين طور اجاگر ڪيو ۽ چيو ته هو مستقبل جي اڳواڻن کي زندگي جي ??ها??تن ۽ مضبوط سماجي شعور سان ليس ڪندا. ??جل??س ۾ ملڪ جي تعليمي نظام جي ??ڏين خامين تي روشني وڌي وئي، جن ۾ 18 لک استادن کي جديد چئلينجز لاءِ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. وڌندڙ آبادي جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ 10 لک نون استادن جي ضرورت پوندي. وفاقي وزير عالمي معيار جي تربيتي پروگرامن جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن 21 هين صدي جي تعليمي ضرورتن موجب هم آهنگي پيدا ڪري سگهجي. پيش ڪيل تجويزن ۾ فن لينڊ، سنگاپور، آسٽريليا ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن جي بهترين طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. جن ۾ نظريي ۽ عملي تربيت کي جوڙڻ، تبديلي لاءِ موزونيت کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪيريئر جي ترقي سان جڙيل تربيتي سرٽيفڪيشن شامل آهن. پروفيسر احسن اقبال هيڊ ماسٽر ۽ هيڊ مسٽريس لاءِ لازمي سرٽيفڪيشنز جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن سندس قيادت جي صلاحيتن جو جائزو وٺي سگهجي. هن هدايت ڪئي ته سرڪاري اسڪولن کي بنيادي ??ها??تون سکارڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي ته جيئن سڌارن جي ??عاشرتي فائدن کي وسيع پئماني تي حاصل ڪري سگهجي. ??جل??س ۾ روڊ ميپ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ عالمي حصيداري، نصاب جي ترقي ۽ استادن جي تربيت ۽ 21 هين صدي جي ??ها??تن لاءِ عالمي معيارن جي ??يام ذريعي عالمي سڃاڻپ کي حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو.