اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صد?? ا??يگزينڊر لوڪاشينڪو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري پنهنجي وطن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر کي الوداع ڪيو. دوري دوران ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون جن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ اضافو ٿيندو. بيلاروس جي صدر سان گڏ بيلاروس جون اهم ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو جنهن پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سان ڪامياب ۽ لاڀائتيُون ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم بيلاروس جي صدر کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جو فوٽو البم پڻ پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??سحاق ڊار ۽ اطلاعات ?? نشريات وارو وفاقي وزير ??طاءُ الله تارڙ پڻ ??ن موقعي تي موجود هئا.