لاهور- 22 نومبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان فلم انڊيسٽري جي چاڪليٽي هيرو وحيد مراد جي 41 هين ورسي 23 نومبر تي ملهائي ويندي. ان سلسلي ۾ فلمي طبقن ۽ سن??س مداحن طرفان مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وحيد مراد 2 آڪٽوبر 1938ع تي ڪراچي ۾ نثار مراد جي گهر پيدا ٿيو. وحيد مراد پ??ڪس??ان?? فلم انڊيسٽري جو اسٽائلش هيرو هو. اداڪار طورتي سن??س انداز ۽ گانن جي پڪچرائزيشن تحسين جوڳي هئي، جنهن کي ڀارت ج?? فلم انڊسٽري ۾ به نقل ڪ??و ويندو هو. هن فلم ساز طورتي پڻ خدمتون انجام ڏنيون. فلم ساز طورتي سن??س 2 فلمون انسان بدلتا هي ۽ جب سي تمهين ديکا هي رڪارڊ بزنس ڪيو. انهن فلمن جي ڪري وحيد مراد شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. وحيد مراد جي بهترين فلمن ۾ هيرا اور پٿر، بهارو ڦول برسائو، مستانه، ماهي، مني، ثريا بوپالي، ديور ڀاڀي، انجمن، سالگره ۽ ارمان نمايان آهن. وحيد مراد جي آخر?? فلم هيرو هئي جيڪا سن??س وفات بعد 1985ع ۾ ريليز ٿي. وحيد مراد 23 نومبر 1983ع تي دل جو دورو پوڻ سبب 45 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.