اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پا??ستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ موسمياتي تبدي??ين جي قدمن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنانسنگ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالرن جي معاهدي تي صحيحُون ڪري ڇڏيُون آهن. معاهدو ڪلائيميٽ اينڊ ڊزاسٽر ريزيلينس اينهانسمينٽ پروگرام تحت ڪيو ويو آهي. معاهدي تي صحيحن واري تقريب اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ منعقد ٿي. ان کان اڳ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه ان معاهدي جي منظوري ڏني هئي. اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ پا??ستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافان معاهدي تي صحيحي ڪئي. ان موقعي تي پا??ستان ۽ اي ڊي بي جا سينئر عملدار پڻ موجود هئا. وفاقي وزير احد خان چيمه چيو آهي، ته معاهدي سان پا??ستان جي موسمياتي تبدي??ين جي قدمن کي ترجيح ڏيڻ ۽ ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ کي هڪ مربوط حڪمت عم??ي تحت وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وزارت جي سيڪريٽري ۽ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ان موقعي تي چيو ته معاهدي جو مقصد پا??ستان جي موسمياتي تبدي??ين سان هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽائڻ جي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته پروگرام جو بنيادي مقصد اداراجاتي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ آهي ته جيئن ڊزاسٽر رسڪ ميپنگ، رسپانس ڪو آرڊينيشن ۽ صنفي حساسيت تي ٻڌل سرڪاري سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻي سگهجي. معاهدي تحت پا??ستان ۾ موسمياتي تبدي??ين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مالياتي ۽ فني معاونت فراهم ڪئي ويندي جنهن ذريعي خطرن جو اثرائتي انداز ۾ ڪاٿو لڳائي سگهبو. ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط قدم کڻي سگهبا.