اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ جي ڌرين جي 29 ھين ڪانفرنس (ڪوپ 29 ) ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان جي گادي واري شھر باڪو روانو ٿي ??يو آھي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق پنھنجي دوري دوران ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪوپ 29 ھين ڪانفرنس دوران اعليٰ سطحي ويهڪن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ان کان سواءِ ناڻي وارو وزير ڪانفرنس ۾ قائم پاڪستان پويلين ۾ منعقد تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. سرحدي مارڪيٽن ۾ مقامي ماحولياتي ڪارروائي ۽ بصيرت فنڊ جاري ڪرڻ جي موضوع تي ??نعقد تقر??ب ۾ شريڪ ٿيندو. ناڻي وارو وزير پاڪستان پويلين ۾ نيشنل ڪلائميٽ فنانس اسٽريٽجي جاري ڪندو. ناڻي وار وزير، منصوبا بندي واري وزارت جي انتظام ھيٺ ”ڪلائميٽ ريسپانسو پبلڪ انويسٽمينٽ“ جي موضوع تي ??نعقد ٿيندڙ پينل مباحثي پڻ شريڪ ٿيندو. ناڻي وارو وزير ڪاريڪ پارٽنرشپ فار ڪلائميٽ انوويشن اينڊ ٽريڊ جي موضوع تي اعليٰ سطحي ويهڪ ۾ پڻ شريڪ ٿيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ??يو آھي ته ناڻي وارو وزير پنھنجي خطابن ۽ ڳالھين ۾ موسمياتي تبديلين سب?? پيدا ٿيل نقصان، موافقت، گهٽتائي ۽ لاڳو جي رخن تي ھاڪاري ۽ متوازن اڳڀرائي جي اھميت کي اجاگر ڪندو، ناڻي وارو وزير اسرندڙ ملڪن کي درپيش موسمياتي ??سئلن جي حل لاءِ اڳڪٿي ۽ توقع جي بنياد تي ??نانسنگ جي ضرورت تي زور ڀريندو. ناڻي وارو وزير پنهنجي تقريرن ۾ موسيماتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي تاريخي ذميواري جو احساس ڏياريندو. برابري، حصيداري سان گڏوگڏ فرق تي ??ڌل احساس سان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي اصول جي اهميت واضح ڪئي ويندي، ترقي يافته ملڪن مان نقصان ڏيندڙ گئسن جي خارج ٿيڻ تي ??ڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. وطن واپسي تي ??اڻي واري وزير آءِ ايم ايف وفد سان الوداعي گڏجاڻي ڪندو.