اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پ?? پي) پاڪستان ۽ ابوظهبي پ??رٽس ڪمپني جي وچ ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن ريلوي، ڪسٽمز، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 4 يادداش??ن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم هائوس ۾ مفاهمتي يادداش??ن تي صحيحن جي لاءِ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ايم او يوز تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي جڏهن ته گڏيل عرب امارات جو پرڏيهي ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزويدي، ڪاهلي گروپ جو چيئرمين احمد دلموڪ المڪتوم، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پ??رٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير عبيد ابراهيم سالم الزابي ۽ ابوظهبي پ??رٽس جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ڪوهاٽ – ٿر – کرلاچي ريلوي لائين جي تعمير جي لاءِ پاڪستان ريلويز ۽ ابوظهبي پ??رٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداش??ن تي صحيحون ڪيون ويون جنهن تي پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سي اي او عامر علي بلوچ جڏهن ته مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پ??رٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ڪسٽمز جي اوڳاڙين ۾ اضافي، ٽرانزٽ ڪارگو جي ٽريڪنگ ۽ ٻين سڌارن جي لاءِ ايف بي آر ۽ ابوظهبي پ??رٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان پاران ميمبر ڪسٽمز اينڊ آپريشنز محمد جنيد جليل خان جڏهن ته ابوظهبي پ??رٽس گروپ پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. شپنگ، ڊريجنگ ۽ ٻين سامونڊي معاملن ۾ تعاون تي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ڪراچي پ??رٽ ٽرسٽ ۽ ابوظهبي پ??رٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي پاڪستان پاران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن خ??م مرزا جڏهن ته ابوظهبي پ??رٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ۾ ايئرپورٽس جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ۽ ابوظهبي پ??رٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت پاڪستان پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي صادق الرحمان جڏهن ته ابوظهبي پ??رٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. بعد ۾ پاڪستان ۽ ابوظهبي ڪمپني جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.