اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي ??ي ??ي) وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 7 آڪٽوبر تي غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظل?? ۽ ??اڍ جي شڪار معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن سا?? يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ميزباني ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ موجوده سياسي پارٽين جو غزه ۽ فلسطينين سا?? قومي سطح تي يڪجهتي جي اظهار جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ معصوم فلسطينين تي جاري ظل?? ۽ ??اڍ جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي حق ۾ آواز اٿارڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ميزباني ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ 7 آڪٽوبر تي س??ي ملڪ ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ اسرائيلي ظل?? ۽ ??اڍ جي شڪار معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن جي لاءِ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي فلسطين يڪجهتي ڏهاڙي ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس جي لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، شيري رحمان، خواجه سعد رفيق ۽ نيئر بخاري شامل هوندا. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته 7 آڪٽوبر تي س??ي پاڪستان ۾ فلسطيني ڀينرن ڀائرن سا?? يڪجهتي ۽ انهن تي جاري اسرائيلي ظل?? ۽ ??اڍ جي خلاف آواز اٿارڻ جي لاءِ ميڙاڪا ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف شرڪت ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري فلسطين ۽ غزه ۾ جاري معصوم مسلمانن تي ظل?? ۽ ??اڍ جي حوالي سا?? يڪجهتي ڏهاڙي تي ڀرپور ح??ايت جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ جماعت اسلامي جي غزه ۽ فلسطين ۾ جاري معصوم مسلمان ڀينرن ڀائرن جي حق ۾ يڪجهتي جي موقف کي ساراهيو ويو. ملاقات ۾ جماعت اسلامي جي امير ۽ وفد وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير ۾ فلسطينين تي جاري اسرائيلي ظلمن جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير شروع ڪرڻ تي وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد جي واڪ آئوٽ کي ساراهيو.