اسلام آباد-30 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو قرضن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ علائقائي ترقي صو??ن جي ذميوار?? آهي، پر ان جي باوجود وفاقي حڪومت مختلف ضلعن ۾ صو??ن سان گڏجي ترقياتي پروگرام شروع ڪيا آهن، سکر –حيدرآباد موٽر وي ??نصوبي جي حوالي سان چين سان ڳالهيون جار?? آهن جهڙي طرح به ممڪن ٿيو اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران آغا رفيع الله جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته بنا شڪ جي ترقي جي حوالي سان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ فرق ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته پي ايس ڊي پي جو ڳاڻيٽو 1400 ارب کان گهٽجي 1100 ارب تائين اچي ويو آهي، ممڪن آهي ان ۾ اڃان به گهٽتائي اچي ڇاڪاڻ ته وفاق جي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو قرضن ۾ هليو ويندو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جار?? آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ اسان جي ترقي جون ضرورتون تبديل ٿي ويون آهن، وفاقي ترقياتي بجيٽ جو ڳاڻيٽو گهٽجڻ باوجود وفاقي حڪومت ملڪ جي 20 ضلعن ۾ وفاقي ۽ صو??ائي حڪومتن جي شراڪت سان ترقياتي پروگرام شروع ڪيا آهن. آءِ ايم ايف سان فريم ورڪ سبب وزيراعظم عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ چاهي ٿو، 2018ع ۾ صو??ائي نوعيت جي منصوبن جو پي ايس ڊي پي ۾ ڳاڻيٽو 15 سيڪڙو هو جيڪو هاڻي 40 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي، پر وفاقي حڪومت جي وسيلن ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي آئ?? آهي. هن چيو ته بنيادي طور تي علائقائي ترقي صو??ن جي دائري ڪار ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پي ايس ڊي پي جي ورڇ صو??ائي بنيادن تي ناهي ٿيندي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن صو??ي ۾ بجلي جو ڪو منصوبو لڳي ٿو ته ان جو فائدو پوري ملڪ کي ٿئي ٿو،گذريل بجيٽ جي موقعي تي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ منصوبا رکيا ويا هئا، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي – حيدرآباد سپر هاءِ وي کي موٽر وي بڻايو ويو آهي پر اسان اهو سمجهون ٿا ته اهو ڪافي ناهي، چين جي مدد سان ڪراچي – حيدرآباد نئين موٽر وي ??نصوبي جي فزيبلٽي ٺاهي پئي وڃي. سکر – حيدرآباد موٽر وي ??نصوبو جيڪو اسان جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ ختم ڪيو ويو هو هاڻي ان منصوبي جي تڪميل لاءِ چين سان ڳالهين جو عمل جار?? آهي. اعجاز جکراڻي جي سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته اسان کي ترقي جي عمل کي وڌائڻ لاءِ نجي شعبي کي به حصيدار بڻائڻو پوندو. سکر – حيدرآباد موٽر وي ??نصوبي لاءِ اسان وٽ ٻئي آپشن موجود آهن آهن جيڪو بهتر لڳو ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ويندو.