اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ جي مختلف علائقن خاص ڪري بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ برسات?? ۽ ??وڏ جي وهڪرن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ??يو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرن جي وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??ندي چيو ته سندن غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته زخمين کي جلد ??حتيابي عطا فرمائي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لاڳاپيل ادارن کي قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت به ڪئي. هن چيو ته قدرتي آفتون هڪ عالمي مسئلو آهن، گڏيل ڪوششن سان ئي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن وقت پاڪستان کي موسمياتي تبديل??ن جهڙا چئلينجز سامهون آهن، برسات دوران ماڻهن کي احتياطي تدبيرون اختيار ??رڻ گهرجن.