اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال تي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس کي خط ۾ پاڪستان پاران مدد جي آڇ ڪئ?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??ه بنگلاديش ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ واري صورتحال تي دلي ڏک آهي، هِن ڏُک واري گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون همدرديون بنگلاديشي حڪومت ۽ عوام سان گڏ ??هن. هن چيو ??ه مشڪل وقت ۾ بنگلاديش ۽ بنگلاديشي شهرين جن جا پيارا ٻوڏ ۾ وڇڙي ويا، گهر ۽ روزگار تباهه ٿيا، سان گڏ بيٺل آهيون، بنگلاديشي عوام مشڪلاتن ۾ پنهنجي حوصلي ۽ همت جي لاءِ سڃاڻ?? وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ??ه پراميد آهيان ??ه بنگلاديش توهان جي قيادت ۾ هن مشڪل مان جلد نڪري ايندو، پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ هر طرح سان بنگلاديش جي مدد جي لاءِ تيار آهي.