اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي دوري تي آيل ايشيا ۾ رابطي ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس (سيڪا) جي سي??ريٽري جنرل سفير ڪيرات سريبي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس م??جب نائب وز??راعظم ايشيا ۾ گڏيل ۽ ٺوس تعاون تي ٻڌل ۽ پائيدار سلامتي جي لاءِ سي??ا جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تڪرارن جي روڪٿام، مقامي تڪرارن جي بنيادي سببن ک?? حل ڪرڻ ۽ سي??ا خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وز??راعظم اڀرندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ روڪٿام جي سفارتڪاري، گهڻ رخي ۽ علائقائي تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. سي??ا جي سي??ريٽري جنرل پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ نائب وز??راعظم کي سي??ا جي جاري سرگرمين ۽ مستق??ل جي موقف کان آگاهه ڪيو.