اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف جي هد??يت تي اين ڊي ايم اي استور ۾ ٻوڏ واري صورتحال کان متاثر سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ فوري ايڪشن وٺي ڇڏيو ۽ ٻوڏ ريلي کان متاثر علائقي ۾ غيرملڪي سياحن جي محفوظ هجڻ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو و??و آهي ته ٻه اطالوي ۽ ارجنٽينا سان تعلق رکندڙ هڪ سياح محفوظ ۽ متاثر علائقي کان پري آهن، فينه پُل جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارا حالتن جو جائزو و??ي رهيا آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال جي لاءِ تيار آهن. وزيراعظم هد??يت ڪئي ??ه ان ڳالهه کي يقيني بڻايو و??ي ته سياحن ۽ مقامي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.