اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ مزار حضرت امام بري رحه ڪمپليڪس جي ترقي ۽ انتظام ۽ انصرام ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. مئنيجمينٽ ڪميٽي حضرت ب??ي امام رحه جي سالياني عرس جي انتظامن جو جائزو ورتو. 14 آگسٽ تي چادر پوشي جڏهن ته حضرت ب??ي امام رحه جو ساليانو عرس 15 کان 17 آگسٽ تي ٿيندو. نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عرس جي موقعي ت?? سيڪيورٽي جي انتهائي غيرمعمولي انتظامن جي هدايت ??ئي. هن انتظاميا ۽ سي ڊي اي کي زائرين کي شٽل سروس فراهم ڪرڻ ۽ زائرين جي سهولت جي ڏس ۾ ٿرڊ ايونيو کان متبادل روڊ جي ت??اري يق??ني بڻائڻ جي پڻ هدايت ??ئي. نائ?? وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ سڄي دنيا مان عرس جي ت??ريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ زائرين کي سهولتن جي فراهمي يق??ني بڻائي وڃي. هن هدايت ??ئي ت?? عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت زائرين جي لاءِ مزار حضرت ب??ي امام رحه ڪمپليڪس ۾ خصوصي انتظامن کي يق??ني بڻايو وڃي ۽ اهو ته تقريبن دوران زائرين کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر خادم درگاهه ب??ي امام راجه سرفراز اڪرم، محسن رضا نقوي ۽ سهيل اقبال ڀٽي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، ڊپٽي ڪمشنر عرفان ميمڻ کانسواءِ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.