اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) صدر مم??ڪت آصف علي زرداري پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي تي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مم??ڪت آصف علي زرداري، ارشد نديم کي راند جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب ۾ سول ??يوارڊ عطا ڪندو. صدر مم??ڪت جي هدايت تي ايوان صدر ارشد نديم کي سول ??يوارڊ عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. صدر مم??ڪت آصف علي زرداري چيو ته ارشد نديم بهترين ڪارڪردگي سان راند جي ميدان ۾ قوم جو سر فخر کان بلند ڪيو. ايوان صدر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد نديم جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻي آهي. ارشد نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ نالو روشن ڪيو. صدر مم??ڪت ارشد نديم کي سول ??يوارڊ آئين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت عطا ڪندو. آئين تحت صدر مم??ڪت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عطا ڪري سگهي ٿو.