اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته مس??د نبوي جي امام شيخ صالح ??ن محمد البدير جو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گهري ۽ پائيدار لاڳاپن جو مظهر آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا ڀائيچاري، اعتماد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب هر آزمائش ۾ هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا آهن، عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلمان امت ۾ اتحاد، يڪجهتي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار هن مس??د نبوي جي امام شيخ ڊاڪٽر صالح محمد بن البدير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي عرب جو س??ير محمد نواف بن سعيد المالڪي، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، علي محمد خان، بئريسٽر گوهر علي خان، ملڪ عامر ڊوگر، مولانا فضل الرحمان، اسد قيصر، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ ٻيا قومي اسيمبلي جا ميمبر به موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سردار اياز صادق چيو ته مس??د نبوي جي امام جي پارليامينٽ آمد اسان لاءِ مسرت ۽ برڪت جي گهڙي آهي، مس??د نبوي جو مسلمانن جي دلين ۾ هڪ خاص مقام آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر شيخ صالح ??ن محمد البدير جو دورو ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسان جي پختي عزم جو ثبوت آهي. مس??د نبوي جي امام شيخ صالح ??ن محمد البدير چيو ته پاڪستان جو دورو ڪري دلي خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۾ جيڪو خلوص ۽ محبت ملي اها ياد رهندي. هن چيو ته شاندار استقبال ۽ مهمان??از?? تي پاڪستان جي عوام ۽ پارليامينٽ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالم اسلام جو هڪ اهم ملڪ آهي، مسلمان ملڪن ۾ اتحاد کي هٿي خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي درخواست تي مس??د نبوي جي امام پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ مسلمان امت وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص دعا ڪئي.