سرينگر- 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير ق??نوني قبضي خلاف والاريل ڄمون ڪشمي?? ۾ ??رينگر سميت مختلف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوسٽر لڳايا ويا آهن ??ن ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي (اڄ) 05 آگسٽ يوم استحصال کي ڪارو ڏينهن طور ملهائين. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 05 آگسٽ 2019 ۾ بي جي پي جي هندو پرست حڪومت عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقي جي خاص حيثيت ڏيڻ واري آئين جي قلم 370 ۽ 35 (اي)کي رد ڪري علائقي ۾ فوج کي مقرر ڪيو هو. غير ق??نوني طور تي نظر بند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، مح??د ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خان جي تصويرن وارا پوسٽر سرينگر جي مختلف علائقن ۾ لڳايا ويا آهن ??ن ۾ ڀارت جي 05 آگسٽ 2019 واري غير ق??نوني ۽ هڪ طرفي فيصلي کي رد ڪيو ويو آهي، مختلف حريت پسند تنظيمن پاران لڳايل پوسٽرن ۾ 05 آگسٽ 2019 واري قدم کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين مطالبن ۾ قلم 370 ۽ اي 35 جي فوري بحالي، ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن موجب حل، سمورن سي??سي نظر بندن جي آزادي ۽ ولاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران جاري انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو شامل آهي، پوسٽر واٽس ايپ، ايڪس، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام پليٽ فارمز تي پڻ ڏسي سگهجن ٿا.