اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صوبائي حڪومتن کي بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور سا?? ڏيڻ ۽ بجلي چورن کي سخت سزائون ڏيڻ، اوور بلنگ جي خاتمي ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ صارفين جي ??هو??ت لاءِ موثر ۽ متحرڪ نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وڌندڙ گرمي جي ڏس ۾ ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي. هن اها هدايت بجلي جي لوڊشيڊنگ، بجلي چوري جي روڪٿام ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سا?? جائزه اج??اس جي صدارت ڪندي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اج??اس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير داڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضال ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ ملڪي سطح تي بجلي جي طلب ۽ پهچ ۽ لوڊشيڊنگ جي رجحانن جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي جي عدم فراهمي بابت شڪايتن جي وقت سر داخلا جي لاءِ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ صارفين جي ??هو??ت لاءِ موثر ۽ متحرڪ نظام قائم ڪيو وڃي، وڌندڙ گرمي جي ڏس ۾ ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي، نئين ٽرانسفارمرز جي خريداري صرف عالمي معيار جي خصوصيتن موجب ٿئي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو جديد نظام مان فائدو کنيو وڃي، صوبائي حڪومتون بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور سا?? ڏين ۽ بجلي چورن کي قرار واقعي سزائون ڏنيون وڃن، اوور بلنگ جو خاتمو ڪيو وڃي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته اوور بلنگ جي ڏس ۾ پهرين اپريل کان 30 مئي تائين 134 ڪيس داخل ۽ 90 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اج??اس ۾ وزيراعظم کي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي نئين سر تنظيم سازي جي عمل ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سا?? بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ ايندڙ سا?? جي ترقياتي بجيٽ ۾ 124611 ٽرانسفارمرز جي ميٽرنگ جو منصوبو پڻ شامل ڪيو ويو آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سا?? آئيسڪو جا هڪ ڀاڱي ٽي صارفين سمارٽ ميٽرز تي منتقل ڪيا پيا وڃن، بعد ۾ ان منصوبي جو دائرو ملڪ جي ٻين علائقن تائين وڌايو ويندو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته بهتر ريڪوري وارا علائقا لوڊشيڊنگ فري جڏهن ته بجلي کاتن جي رهتن ۽ بجلي چوري جي علائقن ۾ رڳو جزوي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. اج??اس ۾ وزيراعظم کي بجلي چوري جي خاتمي جي مهم جي هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سا?? پڻ آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومتن جي تعاون سا?? بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ڪاميابي سا?? جاري آهي، بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ 9 سيپٽمبر 2023ع کان هيستائين 160004 ايف آءِ آر داخل، 97885 ماڻهو گرفتار ۽ 448 ملازم معطل ڪيا ويا آهن.