اسلام آباد – 30 – مئي (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خي??رپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقا?? ڪئي ۽ خي??رپختونخواهه صوبي جي معاملن ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خي??رپختونخواهه جي گورنر حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ وڌندڙ ٻاهرئين سيڙپڪاري تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ خي??رپختونخواهه جي مسئلن ۽ انهن جي پائيدار حل جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻول??ه ٿي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن و??رو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن و??رو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ شريڪ هو.