بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سازگار ماح??ل پيدا ڪرڻ ۽ قومي ت??قي جي ايجنڊا جي لاءِ نظرين ۽ صلاحيت کي استعمال ۾ آندو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ پاڪستاني پيشيور ماڻهن ۽ شاگردن جي هڪ انٽر ايڪٽو سيشن ۾ ڪيو. بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ چين ۾ رهندڙ پاڪستاني پيشيور ماڻهن ۽ شاگردن جي هڪ گروپ کي گڏ ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پاڪستان سان اڻٿڪ وفاداري ۽ وابستگي، ان جي غيرمعمولي قابليت، هنر ۽ پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي سماج?? اقتصادي ت??قي ۾ انمول حصيداري تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ساراهيو. هن پاڪستان حڪومت جي ٺوس سڌاراجاتي ايجنڊا جو خاڪو پيش ڪيو ۽ چيو ته خاڪي جو مقصد اوڳاڙين ۾ اضافي، ڪفايت شعاري کي فروغ ڏيڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري کي استعمال ۾ آڻ?? اقتصادي ت??قي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سازگار ماح??ل پيدا ڪرڻ ۽ قومي ت??قي جي ايجنڊا جي لاءِ انهن جي نظرين ۽ صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار ٻڌندڙن جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. هن قومي اهميت جي ڪيترن ئي مسئلن خاص طور تي پاڪستان جي سماج?? اقتصادي ت??قي، پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي اهم ڪردار جي حوالي سان تجويزن جو نوٽيس ورتو ۽ ٻڌندڙن جي قيمتي بصيرت کي ساراهيندي هن پاڪستاني پروفيشنلز ۽ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي. اسحاق ڊار چيو ته چين ۾ پنهنجي پنهنجي ادارن ۽ ڪميونٽيز ۾ پاڻ کي پاڪستان جو نمائندو سمجهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي پل جو ڪم ڪن.