اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اسلامي ترقيا??ي بئنڪ جي پا??ست??ن سان فائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿي رهي آهي. اسلامي ترقيا??ي بئنڪ جاري مختلف منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي موقعي تي اسلامي ترقيا??ي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ملاقات دوران ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيا?? ۾ ??يو ويو آهي، ته ملاقات ۾ اسلامي ترقيا??ي بئنڪ جي پا??ست??ن ۾ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم پنهنجي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ اسلامي ترقيا??ي بئنڪ طرفان مختلف منصوبن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري تي اسلامي ترقيا??ي بئنڪ جو شڪريو ادا ڪيو. هن پا??ست??ن جي ٻوڏ کان پوءِ بحالي ۾ اسلامي ترقيا??ي بئنڪ جي معاونت کي ساراهيو ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي سهڪار ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. ملاقات ۾ پا??ست??ن ۽ اسلامي ترقيا??ي بئنڪ وچ ۾ سهڪار جا نوان موقعا ڳولهڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. هن چيو ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي صحيح رخ تي آڻڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ ون ونڊو آپريشنز مهيا ڪرڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پوري طرح سان فعال آهي. اسلامي ترقيا??ي بئنڪ جي صدر چيو ??ه پا??ست??ن اسلامي ترقيا??ي بئنڪ جو انتهائي اهم باني ميمبر آهي، الله تعاليٰ پا??ست??ن کي ڀرپور قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، پا??ست??ن جي وڏي افرادي قوت مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. پا??ست??ن جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير عطاء الله تارڙ، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان ۽ اويس احمد خان لغاري به موجود هئا.