ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي استحڪام جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ويجهي تعلق ۽ هم آه??گي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آه?? ته عوام جي مسئلن جي حل، ملڪ جي خدمت، صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آه??، ڪنهن به صوبي ۽ عوام جي ترقي پاڪستان جي ترقي آه??، هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي استحڪام جو آه??، سعودي ۽ ايراني قيادت جي دورن سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن وارو وفاقي اويس احمد خان لغاري، تعليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سنڌ ڪابينا جا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 8 فيبر??ري جي چونڊن جي نتيجي ۾ اسان کي مينڊيٽ مليو آه??، اسان کي ان مينڊيٽ جو احترام ڪندي گڏجي ملڪ جي خدمت، صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آه?? ته جيئن اسان عوام جا مسئلا حل ڪري سگهون، هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو معاشي استحڪام جو آه??، ان جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي ويجهو تعلق ٺاهڻو پوندو. سنڌ جي وڏي وزير سان ويجهو رابطو آه??، وفاقي ۽ صوبائي وزير به هڪ ٻئي سان تعلق قائم ڪن، سنڌ جي ترقي پاڪستان جي ترقي آه??، پنجاب جي ترقي پاڪستان جي ترقي آه??، اهڙي طرح ٻين صوبن جي ترقي به پاڪستان جي ترقي آه??. وزيراعظم چيو ته منهنجي ڪوشش آه?? ته ان تعلق کي مضبوط ٺاهيان، ڪجهه وقتن تي اسان کي اهڙا فيصلا به ڪرڻا پوندا جيڪي شايد اسان پنهنجي لاءِ پسند نه ڪندا هجون پر ملڪ جي عوام ۽ صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪرڻا پوندا ته جيئن جمهوريت ۽ ترقي جي گاڏي اڳتي وڌي. وزيراعظم چيو ته سعودي ۽ ايراني وفدن پاڪستان جو دورو ڪيو آه??، ايران جو صدر ڪراچي به آيو، اهڙي طرح اڳتي به اميد آه?? ته سيڙپڪاري جي لاءِ وفد پڻ پاڪستان جو دورو ڪندا ۽ چئني صوبن ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻندا پر اهو تڏهن ممڪن آه?? جڏهن اسان پنهنجو هوم ورڪ ڪريون، پاڻ ۾ هم آه??گي هجي ۽ پ??ري تياري ۽ هڪ جهڙي سوچ سان اڳتي وڌنداسين ته مثبت نتيجا سامهون ايندا. وزيراعظم چيو ته اسان ملڪ جي عوام جي لاءِ ٽيم بڻجي ڪم ڪنداسين، ان کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو رستو نه آه??. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سندس ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته 2022ع ۾ معاشي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم شروع ڪيو هو، انهي جذبي سان اڳتي وڌنداسين، سنڌ جي صوبائي حڪومت وفاق سان گڏجي عوام جي اميدن تي پورو لهندي.