اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سان فارسي??َ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ايراني شاعرن جي پاڪستان جي حوالي سان فارشي شعر پڻ پڙهيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري تي فارسي زبان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته چشمِ ماه روشن دلِ ماشاد، توهان کي ڏسي اسان جون اکيون ٿڌيون ٿيون ۽ دل خوش ٿي. وزيراعظم ايراني صدر کي علامه تقي بهار جي پاڪستان بابت فارسي ۾ ڪلام ”درود بر پاڪس??ان??? پڻ پڙهي ٻڌايو. ”هميشه لطف خداباد يارِ پاڪستان، به ڪين مباد فلڪ باديارِ پاڪس??ان??? پاڪستان تي الله جو سدائين فضل ۽ ڪرم جاري رهي ۽ آسمان پاڪستان کان ڪڏهن به ناراض نه ٿئي. وزيراعظم ايراني صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ فارسي??َ ۾ شعر پڻ پڙهيو جنهن ۾ ان جي پاڪستان جي دوري جي ڀرپور آجيان ۽ کيس بار بار پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم جي فارسي ۾ ڳالهه ٻولهه تي شرڪت ڪندڙن جي چهرن تي مسڪراٽ اچي وئي. ايراني صدر ۽ وفد وزيراعظم جي فارسي زبان تي عبور ڏسي خوش??وا?? حيرت ۾ مبتلا ٿي ويا. وزيراعظم جي فارسي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ شعر ٻڌي شرڪت ڪندڙ داد ڏيڻ کانسواءِ رهي سگهيا.