اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي ڌارا ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف هن وقت ٽڪرن ۾ ورهايل آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻن جو ر??يو اهڙو آهي جيئن ننڍڙا ٻار پاڻ ۾ ورهي رهيا هجن، پي ٽي آءِ اڳواڻ اندروني سياست ڇڏي قومي ڌارا ۾ اچن، هتي سياست ڪن، ميثاق معيشت جي لاءِ پنهنجو ڪردا ادا ڪن، ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي، ??نشاءَ الله پهرين به امن قائم ڪيو هو ۽ هاڻي به امن قائم ٿيندو، گوادر پورٽ اٿارٽي تي حملي ۾ ملوث ڪريم جان نالي دهشتگرد 2022ع کان مسنگ پرسن ڊڪليئر هو، اهو انتهائي حساس معاملو آهي، ??ن کي وڌيڪ ڏسڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم جي سربراهي ۾ معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي پوري طرح سان قائم آهيون، وزيراعظم جو ويزن آهي ته غريب ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف روزاني جي بنياد تي معيشت جي حوالي سان اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي، ??ڪومتي ڌيان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ تي آهي، ??سٽيٽ اون ادارن جي نجڪاري، ??ڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي، ٽيڪس سڌاران، ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن، ٽيڪس نيٽ ۾ اضافي جهڙن قدمن تي اسان جو ڌيان آهي. هن چ??و ته پاڪستان حڪومت پهريون ڀيرو ٽيڪس ڪاٿي کي وڌائيندڙ ڪاروباري ماڻهن کي ??يوارڊز سان نوازيندي، ??ن ڏس ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باقاعده تقريب ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته معاشي سڌارن جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، ??مضان المبارڪ ۾ عوام کي ??يليف ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ وزيرن جون ڊيوٽيون هنيون، ڪالهه به وفاقي وزيرن يوٽيلٽي اسٽورز جا دورا ڪيا ۽ اتي موجود انتظامن جو جائزو ورتو. هن چ??و ته ملڪي معيشت کي ??هتر ڪرڻ جي لاءِ سمورن قدمن جي حوالي سان روڊ ميپ ٺهي رهيو آهي، وزيراعظم جو ڌيان معاشي سڌارن تي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي، ??نشاءَ الله اڳ ۾ به امن قائم ڪيو هو ۽ هاڻي به امن قائم ٿيندو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي مڪمل اعتماد آهي، ??هيدن کي ??لام پيش ڪريون ٿا، جن ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. وفاقي وزير چيو ته گذريل ڏينهن گوادر پورٽ اٿارٽي تي حملو ٿيو جنهن جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪئي، ??ن حملي ۾ ملوث ڪريم جان نالي دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ان جو لاش وارثن جي حوالي ڪيو ??يو ته خبر پئي ته هي 2022ع کان مسنگ پرسن ڊڪيلئر هو. هن چ??و ته اها وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته ان دهشتگرد جي حوالي سان ٻن سالن کان اها مهم هلائي پئي وئي ته هي مسنگ پرسن هو. هن چ??و ته گوادر پورٽ اسان جو واپاري مرڪز آهي، ??ي پيڪ جو حصو آهي، ??ن تي حملو اسان جي معيشت تي حملو آهي. هن چ??و ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف هن وقت ٽڪرن ۾ ورهايل آهي، گوهر خان جدا ۽ شير افضل خان جدا ڳالهه ڪن ٿا، پي ٽي آءِ اڳواڻ هڪ ٻئي تي الزام هڻي رهيا آهن. هن چ??و ته پي ٽي آءِ هڪ قومي پارٽي آهي پر ان جي اڳواڻن جو ر??يو اهڙو آهي جيئن ننڍڙا ٻار پاڻ ۾ وڙهي رهيا هجن. هن چ??و ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ اندروني سياست ڇڏي ميثاق معيشت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪڏهن آءِ ايم ايف کي ??ط لکن ٿا، ڪڏهن يورپي يونين کي ??ليڪشن جي جاچ جو چئي رهيا آهن ، جيڪڏهن توهان کي ??ڪايت آهي ته اليڪشن ڪميشن يا اليڪشن ٽربيونلز وڃو، هي ماڻهو لابنگ فرمز هائير ڪن ٿا، لابنگ فرمز کي هائير ڪرڻ تي لکين ڊالر خرچ اچي ٿو، ايترو پئسو انهن وٽ ڪٿان اچي ٿو. هن چ??و ته ڊونلڊ لو پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي ??رٽيفائيڊ ڪوڙو قرار ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي قومي ڌارا ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هيلٿ انشورنس پروگرام جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين ۽ رپورٽرز جي ڀلائي اطلاعات واري وزارت جي ذميواري اهي، ??سان جي ڪوشش آهي ته اهو پروگرام فعال رهي. چين سان لاڳاپن جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ عالمي سطح تي سڀ کان پهريون انٽر??يو چين جي نيوز ايجنسي شهنوا کي ڏنو، وزيراعظم جي چونڊ جي فوري پوءِ چين مان مبارڪباد جا پيغام آيا، چين سان اسان جي دوستي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چ??و ته اسان جو پورو ڌيان سي پيڪ تي آهي. غيرقانوني رهندڙ شهرين بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گهرو وزير ان حوالي سان الٽي ميٽم پڻ ڏنو آهي، محسن نقوي ان تي ڪم ڪري رهيو آهي. هي ماڻهو معيشت تي بار آهن، جيڪڏهن انهن جي رجسٽريشن نه آهي ته ان ڳالهه جي سخت نگراني ٿيڻ گهرجي ته اهي ماڻهو هتي ڪهڙي سرگرمي ڪري رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف بهتر سمجهيو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جي چيئرمين شپ ناڻي واري وزير وٽ رهڻ گهرجي، ڪو تمام گهڻو اهم معاملو ٿيو ته وزيراعظم وٽ آندو وڃي. وزيراعظم معاشي سڌارن بابت ڪيترن ئي اجلاسن جي صدارت پڻ ڪري ٿو، ان جون مصروفيتون وڌيڪ هونديون آهن ان لاءِ هن اهو ئي مناسب سمجهيو ته اي سي سي جي چيئرمين شپ ناڻي واري وزير وٽ رهڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته غريب ماڻهو تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي، ??نهن کي وڌ کان وڌ رعايت ڏني وڃي. هن چ??و ته اسان جو ڌيان معيشت جي استحڪام تي آهي، گذريل ڀيري جڏهن پي ڊي ايم جي حڪومت هئي، ??ه اسان جو پورو ڌيان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ تي هو، ان ڏس ۾ آءِ ايم ايف سان ايگريمنٽ ٿي ??يو ۽ معاملا صحيح ٿيا، چين جي مارڪِٽ ۾ پانڊا بانڊز جاري ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ??ن سان معيشت وڌيڪ بهتر ٿيندي. هن چ??و ته ناڻي واري وزير جي صحافين سان پريس بريفنگ جو پڻ اهتمام ڪيو پيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته ايم ڊي يوٽيلٽي اسٽورز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته عام ماڻهو کي پڻ ضرورت جي شين تي 15 کان 20 سيڪڙو جي خصوصي رعايت ڏني وڃي، ٽي ڪروڙ 96 لک خاندانن کي ??ي آءِ ايس پي تحت سبسڊي ڏني پئي وڃي. هن چ??و ته رمضان المبارڪ مهيني دوران 12 ارب رپين جو سبسڊي پئڪيج ڏنو ??يو آهي. هن چ??و ته مهانگائي ان وقت گهٽ ٿيندي آهي جڏهن رپيو مستحڪم هجي، پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿئي، ??ڪومتي خرچ گهٽ ڪيا وڃن، ٽيڪس اوڳاڙين کي وڌايو وڃي. هن چ??و ته پي آءِ اي جو خسارو هر سال ڪيترائي سئو ارب رپيا هوندو آهي، ??سان جي معيشت ان جو بار برداشٽ ڪري ٿي. هن چ??و ته اسٽيٽ اون ادارن جي نجڪاري ۽ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جهڙا قدم کنيا پيا وڃن، ٽيڪس پيئرز کي ??يوارڊ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪرڻ هڪ حوصلي افزائي آهي، ??هي ماڻهو معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته اسان جو فرض بڻجي ٿو ته جتي ڪا غلطي هجي ان جي نشاندهي ڪريون، هي ملڪ اسان سڀني جو آهي ۽ سڀ کان پهرين آهي، ??ياست ۽ سياسي پارٽيون بعد ۾ آهن. هن ملڪ کي ??نوارڻ ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته مارجي ويل دهشتگرد ڪريم جان جي معاملي تي قانون واري وزارت تفصيل سان ڪم ڪيو آهي، ??هو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پڻ آيو آهي، ??هو حساس نوعيت جو معاملو آهي ان جا تفصيل جلد سامهون ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته سوشل ميڊيا تي جنهن جي دل ڪري ٿي فيڪ نيوز ڦهلائي ڇڏي ٿو، اسان کي پنهنجي مٿان پاڻ اهڙو ضابطه اخلاق لاڳو ڪرڻو پوندو، فيڪ نيوز جو اثر پوري ملڪ تي پوي ٿو، اسان جو ملڪ اهڙي طرح جي شين کي ??رداشت نه ٿو ڪري سگهي، ??حافين ۽ صحافتي ادارن کي ??ن بابت چارٽر ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن دير ٿي وئي ته اهو معاملو هٿ مان نڪري ويندو، ان حوالي سان قدمن جي ضرورت آهي.