اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) صدارتي اليڪشن ۾ مخالف اتحاد جي اميدوار محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته آصف علي زرداري کي ملڪ جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ??يان ٿو، فضل الرحمان جو ووٽ ملڻ گهرجي ها. تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي پارليامينٽرين ووٽ نه وڌو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ??يرو ٿيو آهي جو نه ڪنهن ووٽ خريد ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن وڪرو ڪيو. صدارتي اليڪشن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آصف علي زرداري هڪ مڃيل سياستدان آهي. اميد آهي ته هو ملڪ ۽ قوم کي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ ٺوس قدم کڻندو. هن چيو ته شبلي فراز س??يت ڪيترن ئي پارليامينٽرين ووٽ نه وڌو. اميد هئي ته مولانا فضل الرحمان جو ووٽ مون ??ي ملندو. هن چيو ته ملڪ خ??طر اسان ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.