اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ??ئي رهيو آهي، پاڪستان غيرملڪي ڪمپنين سان ??ڏيل طور تي لاڀائتي ڪاروباري حصيداري چاهي ٿو. هو ايوان صدر ۾ لوڻ ۽ معدنيات جي شعبي جي آمريڪي ڪمپني جي وفد سان ملاقات دوران ??الهائي رهيو هو. وفد صدر کي لوڻ جي کاڻين، پراسيسنگ ۽ مارڪيٽنگ ۾ ڪمپني جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ جوائنٽ وينچرز جي فروغ جو خواهشمند آهي، پاڪستاني لوڻ جي بهتر پراسيسن??، پئڪيجنگ ۽ مارڪيٽنگ سان قد?? ۾ ??ضافو ڪري سگهجي ٿو. پاڪستاني لوڻ اعليٰ معيار ۽ انتهائي گهٽ سيڙپڪاري سان حاصل ڪيو وڃي ٿو. حڪومت سيڙپڪارن کي سهولت پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. عالمي سطح تي پاڪستاني لوڻ جي گهرج ۾ اضافي جي لاءِ اعليٰ معيار جي لوڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو. صدر ميريڪل سالٽ ورڪس ڪمپني کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ساراهيو. صدر ميريڪل سالٽ ورڪس ۽ پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحن کي به خوش آئنده قرار ڏنو. وفد صدر کي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ پاڪستان جي لوڻ جي کاڻين جي صلاحيت بابت ٻڌايو ته معياري ۽ منرل سان ??رپور راڪ سالٽ سڄي دنيا ۾ رڳو پاڪستان ۾ هوندو آهي. پاڪستاني لوڻ گهٽ قيمت ۽ اعليٰ معيار وارو آهي. وفد ٻڌايو ته پاڪستان دنيا ۾ لوڻ جي وڏي مارڪيٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو. معدنياتي شين جي لحاظ کان پاڪستاني لوڻ جو معيار سڄي دنيا ۾ سڀ کان بهترين آهي. ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي، بهتر پراسيسنگ ۽ مارڪيٽنگ سان پاڪستان جي لوڻ جي قد?? ۾ ??ضافو ڪري سگهجي ٿو. وفد ٻڌايو ته ميريڪل سالٽ ورڪس ڪليڪٽو پاڪستان ۾ لوڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندو. ڪمپني پاڪستاني لوڻ جي اعليٰ معيار جي ٽيڪنالاجي جي مدد سان ??اڻين جي کوٽائي ۽ پراسيسنگ ڪندو. اعليٰ معيار واري ٽيڪنالاجي سان ??اڻين جي کوٽائي ۽ پراسيسنگ دوران لوڻ جي ضايع ٿيڻ کي گهٽ ڪري سگهبو. ملاقات ۾ صدر ماحول ??وس?? ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي جي فروغ تي پڻ زور ڏنو.