اسلام آباد-05 فيبروري (اي پي پي) يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت جي انتظام هيٺ شاهراهه دستور تي واڪ جو بندوبست ڪيو ويو. واڪ ۾ سڌ سماءَ واري نگران و??اق?? وزير مرتضيٰ سولنگي، مذهبي معاملن واري نگران و??اق?? وزير انيق احمد ۽ ثقافت واري وزير سميت هر شعبي سان تعلق رکندڙ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن طرفان والاريل ڪشمير جي شهيدن ۽ غازين کي ??را??ِ عقيدت پيش ڪيو ويو. واڪ جي شرڪت ڪند??ن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين ۽ غير قانوني قبضي خلاف بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا. شرڪت ڪندڙن طرفان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگرديءَ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ريليءَ طرفان ڪشمير بڻجندو پاڪستان جا ??ُڀ ڏاريندڙ نعرا لڳايا. والاريل ڪشمير جي شهيدن کي ??را?? عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.