اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (افغانستان ۽ اوڀر ايشيا) رحيم حيات قريشي ??ان چين جي افغانستان بابت خصوصي ايلچي سفير يوڙيائوونگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پنهنجي عزم تي زور ڏنو ۽ چيو ته علائقائي استحڪام جي لاءِ بهتر تعاون جي ضرورت آهي. هن پرامن، مستحڪم ۽ خ??شحال خطي جي لاءِ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اه?? ڪردار تي پڻ زور ڏنو.