ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گي??س فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گي??س سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ سماجي تعاون جي ڪيترن ئي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪوششن کي وڌائيندي انهن جي ثمرن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بل اينڊ ميلنڊا گي??س فائونڊيشن جي پاڪستان سان خاص طور تي عوامي صحت، سماجي قدمن ۽ مالياتي شموليت جهڙن شعبن ۾ ان جي اهم تعاون سان گڏوگڏ ڪ??رو??ا وبا ۽ 2022ع جي ٻوڏ دوران تعاون کي ساراهيو. نگران وزيراعظم ۽ بل گي??س پاڪستان ۾ سماجي تعاون جي ڪيترن ئي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪوششن کي وڌائيندي انهن جي ثمرن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم غربت ۽ غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪ??مت جي گڏيل ڪوششن جو پڻ خاڪو پيش ڪيو.