اسلام آباد-09جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) انٽيلي جنس بيورو لاءِ 25 ڪروڙ ر??پين جي فني ??مني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اج??اس ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت ۾ ٿيو. اج??اس ۾ نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وزير محمد سميع سعيد، رٿابندي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد جهانزيب خان، قانون واري وزير احمد عرفان اسلم، وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار وقار مسعود، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ هلندڙ مالي سال دوران انٽليجنس بيورو لاءِ 25 ڪروڙ ر??پين جي اضافي فنڊن جي فراهمي بابت سمري پيش ڪئي وئي. انٽيليجنس بيورو طرفان ڪميٽي کي دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافي بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا جوابي قدم ضروري آهن. ڪميٽي آءِ بي جي اپ گريڊيشن، فني ??هتري ۽ بيورو جي سرگرمين لاءِ ضروري بنياد تي فني ??مني گرانٽ جي صورت ۾ فنڊن جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اج??اس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل يوريا سان گڏ ٻاهران گهرايل يوريا جي باسڪٽ پرائس ۽ وڪري جي طريقيڪار بابت سمري پيش ڪئي وئي. اي سي سي ويٽڊ اوسط قيمت جي منظوري ڏيندي نيشنل فرٽيلائيزر مينوفيچڪرنگ لميٽيڊ ڪمپني کي قيمتون مناسب رکڻ جڏهن ته صنعت ۽ پيداوار وزارت کي سڄي عمل جي نگراني جي هدايت ڪئي. اي سي سي قومي صحت واري وزارت جي سمري تي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف اميونائيزيشن لاءِ 3568.56 ملين روپين جي فني ??مني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي صوبن کي التوا ۾ پيل رهتون ڪليئر ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. اج??اس ۾ سبسڊي گرانٽ ايگريمينٽ (ايس جي اي) جي ضميمه تي صحيحن بابت ناڻي واري وزارت جي سمري جي منظوري پڻ ڏني وئي. اج??اس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سمري تي 100 ملين روپين جي فني ??مني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اها گرانٽ پاڪستان هاڪي ٽيم جي عالمي مقابلن ۾ شرڪت ۽ راندين جي ٻين سرگرمين سميت ڀارت سان ڊيوس ڪپ ۽ شطرنج جي مقابلن لاءِ استعمال ۾ آندي ويندي.