??سل??م آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڻي جي زيا?? جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي، گذريل هڪ سال دوران ??سل??م آباد ۾ ٽي فلٽريشن پلانٽ هنيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوال?? جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد، سينيٽر مهر تا?? روغاني ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ??سل??م آباد ۾ مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو آهي، ان کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڻي جو زيان هڪ مسئلو آهي، اهو اهڙو معاملو آهي جيڪو رڳو ڏنڊ سان حل ٿيڻ وارو نه آهي ان جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي، بدقسمتي سان اشرافيه جي??رو پاڻي ضايع ڪري ٿي غريب ماڻهو اي??رو ضايع نه ٿا ڪن. هن چيو ته قوم عوامي نمائندن جي چونڊ استحصالي نظام جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ڪري ٿي، جيڪڏهن اهي اهو نه ٿا ڪري سگهن ته اها ناڪامي آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران ??سل??م آباد ۾ ٽي فلٽريشن پلانٽ هنيا ويا آهن.