اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معياري ۽ سستي معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي پاڪستان ۾ تياري جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي ب??الي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي لاءِ پاليسي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چل ??ائ??نڊيشن جي چيئرمين فيروز احمد جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي ڪري خصوصي ماڻهن جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. وفد ص??ر کي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ چل ??ائ??نڊيشن جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. صدر کي ٻڌايو ويو ته چل ??ائ??نڊيشن خصوصي ماڻهن کي مصنوعي عضون سميت معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي، چل ??ائ??نڊيشن خصوصي ماڻهن کي ب??الي، ٿيراپي ۽ علاج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. وفد ص??ر کي ??ائ??نڊيشن جي مختلف منصوبن?? خصوصي ماڻهن جي ضرورتن بابت پڻ ٻڌايو. ان موقعي تي صدر خصوصي ماڻهن جي ڀلائي، بحالي ۽ سهولت جي لاءِ چل ??ائ??نڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.