اسلام آباد – 31 – آڪ??وبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولن??ي چيو آهي ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا، ملڪ ۾ معاشي استحڪام لازمي آهي، پاڪستان جي مُعاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ س??ني??ر سليم مانڊوي والا سان ملاقات دوران ڳالهائين??ي چئي. ملاقات ۾ ايندڙ چونڊن سميت ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورت??ال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، نگران حڪومت چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن معاونت ۽ سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته هر پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو پورو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام انتهائي ضروري آهي، پاڪستان جي معاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي س??ني??ر سليم مانڊوي والا ان اميد جو اظهار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن واعدي موجب جنوري جي آخر?? هفتي ۾ چونڊون ڪرائيندي.