اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ??ا دير نظر نه پئي اچي، چونڊون صاف ۽ شفاف منعقد ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور معاونت ڪنداسين، سياسي پارٽين کي پنهنجي اندر به جمهوريت آڻڻي پوندي، هر سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ حصو وٺن جو حق حاصل آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني يقيني بڻائڻي پوندي. نجي ٽي وي چينل کي پنهنجي انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم چيو ته قانون تي عملدرآمد ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻو پوندو، ا??ان ڪرنسي جي اهڙي غيرقانوني مارڪيٽ ۾ هٿ وڌو جنهن جي قانون ۾ گنجائش نه آهي، عسڪري قيادت کي به ان جو ڀرپور ڪريڊٽ وڃي ٿو گذريل حڪومتن ان طرف ڌيان نه ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ا??ان کي سويلين ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي آهي، 5 سال جو مينڊيٽ پارليامينٽ جو هوندو آهي جيڪا گذريل ٽن دورن کان پورو ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ئي وزارت عظميٰ جي چونڊ ڪري ٿي، جمهوري طريقي ??ان حڪومت جي تبديلي پارليامينٽ جو حق آهي. هن چيو ته شفافيت ۽ احتساب جو عمل جنهن جمهوريت ۾ نه هوندو اها ڪامياب نٿي ٿي سگهي، پارليامينٽ جي اندر ويٺل ماڻهو عوام جو مينڊيٽ کڻي اچن ٿا، انهن جون ذميواريون وڌيڪ آهن، پنهنجي ويزن، ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام فيصلن جو اهو اختيار پارليامينٽ ميمبرن کي ڏنل هوندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين سياسي پارٽيون پنهنجي سڃاڻپ ۽ ڍانچي ۾ جمهوري نه هونديون ته ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم نه ٿي ٿي سگهي، سياسي پارٽين ۾ جمهوري رويو نظر ايندو ته ان جو اثر معاشري تي پوندو. هن موجوده منصب کانپوءِ ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت جي حوالي ??ان سوال جي جواب ۾ چيو ته ان حوالي ??ان ڪا آئيني يا قانوني پابندي نه آهي، بلوچستان عوامي پارٽي جو هاڻي حصو نه آهيان، اهو به ممڪن آهي ته ڪا پنهنجي پارٽي ٺاهيان، رجسٽرڊ سياسي پارٽين جو اهو آئيني ۽ قانوني حق آهي ته اهي چونڊن ۾ حصو وٺن ۽ پنهنجي چونڊ مهم هلائين، صوبائي نگران حڪومتن پاران آزاداڻيُون ۽ منصفاڻيُون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي مانيٽرنگ ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف سميت ڪو به سياسي اڳواڻ جيڪڏهن ا??ان جي فرضن جي ادائيگي جي حوالي ??ان ملاقات جي خواهش ڪندو ته ان ??ان ضرور ملاقات ڪنداسين. هن چيو ته ا??ان کي گورننس، اقتصادي پاليسين ۽ سياسي سوچ ۾ ماضي ۾ ڪيل ڪوتاهين تي غور ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪم روزاني جا معاملا اڪلائڻ ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ آهي، ا??ان جو ڌيان انهي تي آهي، آزاداڻيون ۽ شفاف چونڊون يقيني بڻائينداسين، نواز شريف جي حوالي ??ان قانوني گهرجون پوريون ٿينديون. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جي بهتري، پاڪستان جي بطور رياست مضبوطي ۽ تعمير ۽ ترقي جي لاءِ عوام عمران خان کي ووٽ ڏنا هئا، ان کي ووٽ فوجي ٺڪاڻن تي حملي جي لاءِ نه ڏنا ويا هئا، 9 مئي جا ڪيس هڪ ??انوني عمل آهي، سائفر رياست جي پراپرٽي هوندي اهي، اهو ٻن آفيسن جي وچ ۾ ڪميونيڪشن جو ذريعو هوندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ دير جا ڪي امڪان نظر نه پيا اچن، ان ۾ ڪو به ابهام نه آهي، چونڊن جو پنهنجي وقت تي اعلان ۽ انعقاد ٿيندو. هن چيو ته فيصلاسازي ۾ حتمي فيصلا نگران حڪومت ڪندي آهي، ا??ان جي ادارن ??ان موثر ڳالهه ٻولهه آهي، ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي ??ان کنيل قدمن جو پورو پاڪستان گواهه آهي، ان جا معيشت تي ڏورس اث?? پڻ عوام کي نظر ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي هڪ ??نظم ردعمل ??ان اهو تاثر ڏئي سگهجي ٿو ته ان جي پٺيان ڪو هڪ ??اڻهو يا گروهه هجي، ڇا ائين ٿيو يا نه اهو ڪم جاچ ۽ عدالتي عمل جو آهي ته اهي ان حوالي ??ان حقيقتن کان پاڪستاني عوام کي آگاهه ڪن.