اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسلام آباد جي سمورن تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. وفاقي نظامت تعليمات (ايف ڊي اي) اسڪو??ن ۽ ڪاليجن جي ??رم?? ۽ سارسنڀال جي سمورين ضرورتن جو جامع ڊيٽا فراهم ڪن، هن اها ڳالهه ڊائريڪٽرز اسڪولز اينڊ ڪاليجز ايف ڊي اي سان ملاقات دوران ڪئي. مدد علي سنڌي ايف ڊي اي کي ڪلاس 4 جي 32 خالي آسامين کي پورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن چيو ته اسڪو??ن ۽ ڪاليجن جي سارسنڀال کي يقيني بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته سمورين سيٽن تي فورن ڀرتيون ڪيون وڃن. هن ايف ڊي اي کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته هو اسلام آباد ۾ اسڪو??ن ۽ ڪاليجن جي ??رم?? ۽ سارسنڀال جي سمورين ضرورتن جو جامع ڊيٽا فراهم ڪن. هن چيو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ايف ڊي اي کي فنڊز فراهم ڪيا وڃن ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ اسلام آباد جي ت??ليمي ادارن کي بنيادي سهولتون ميسر ٿين. وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڪينٽينن جا اوچتا دؤرا ڪيا جن کي مون انتهائي غير صحت بخش ڏٺو. هن ايف ڊي اي کي هدايت ڪئي ته سمورين ڪينٽينن جي کا??ي جي معيار جو آڊٽ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن کاڌي ۾ معيار مناسب نه هجي ته ان جي ليز رد ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سندس ويزن آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته اسلام آباد جي سمورن تعليمي ادارن کي ان جي حڪومتي دؤر ۾ مناسب ۽ فعال بنيادي سهولتن ميسر ٿين.