اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي جي ڳوٺ اولي جي رهواسي 60 سالا شهري غياث جي ڀارتي ف??ج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت تي پاڪستان جو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، اه?? واقعو 21 آگسٽ 2023ع تي لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي نڪيال سيڪٽر ۾ پيش آيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??يا?? موجب پاڪستان لائين آف ڪنٽرول تي امن امان کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون 2003ع جي سيز فائر مفاهمت جي واضح خلاف ورزي آهن، جنهن جي ف??بروري 2021ع ۾ تجديد ڪئي وئي هئي. ??يا?? موجب ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڀارتي ف??ج کي انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ڇو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ انساني وقار ۽ عالمي انسا??ي حقن ۽ انساني قانونن جي ابتڙ آهي. ڀارت تي زور ڏنو ويو ته ه?? واقعي جي جاچ ڪري ۽ سيز فائر مفاهمت جو احترام ڪري.